Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
ڪريون ۽ جنت ۾ وٺي وڃڻ وارن ڪمن ۾ لڳي وڃون۔ ڪاش! سال بدلجڻ سان گڏوگڏ اسان به بدلجي وڃون.
نيو ايئر نائيٽ (New Year Night) ۾ ڪرڻ وارا ڪم
پيارا اسلامي ڀائرو! نئون عيسوي سال شروع ٿي رهيو آهي * هن موقعي تي پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ گهرجي مثال طور اسان غور ڪريون ته گذريل دفعي جڏهن نئون سال شروع ٿيو هو ته ان وقت کان وٺي هن وقت تائين اسان ڪيتريون نيڪيون ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون؟ افسوس! اعمالنامي ۾ ڪيترن گناهن جو واڌارو ڪري چڪا آهيون؟...! * نئين سال جي شروعات جي موقعي تي اسان پنهنجي گناهن کان توبهه ڪريون * نئون سال شروع ٿي رهيو آهي، نئين سال جي ابتدا نيڪين سان ڪئي وڃي * الله جي ذڪر سان ڪئي وڃي * نعت خواني سان ڪئي وڃي * سجدن سان ڪئي وڃي * هي نئون سال ملي وڃڻ، زندگي جا ايترا لمحا نصيب ٿي وڃڻ اها به ته الله پاڪ جي نعمت آهي، ان جو شڪر ادا ڪيو وڃي * نئين سال جا نوان هدف مقرر ڪيا وڃن، سٺيون سٺيون نيتون ڪيون وڃن مثلاً * هِن اچڻ واري نئين سال ۾ هيتري تلاوت ڪندس * هيترا درود پاڪ پڙهندس * هيتريون نمازون پڙهندس * جيڪڏهن قضا نمازون آهن ته انهن کي جلد کان جلد ادا ڪرڻ جي نيت ڪئي وڃي * رمضان شريف اچڻ وارو آهي، اعتڪاف جي نيت ڪئي وڃي * هر مهيني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي نيت ڪئي وڃي * نيڪ اعمال جو رسالو روزانو پابندي سان پُر ڪرڻ جي نيت ڪئي وڃي * هفتيوار سنتن ڀريي اجتماع ۽