Maut Ke Beshumaar Asbab

Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab

ڪالهه جهڙو گذري (يعني اهي هر ڏينهن نيڪين ۾ ڪجهه نه ڪجهه واڌارو ئي ڪندا آهن). ([1]) 

 ڪاش! اسان کي به نصيحت ملي وڃي، اسان به عبرت حاصل ڪريون، پنهنجي آخرت جو فڪر ڪريون، هي سال ته ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي، اچڻ واري سال ۾ اسان بدلجي وڃون، پنهنجي اخلاق، ڪردار، ۽ عادتن ۾ تبديلي آڻيون، نئون سال سٺي انداز ۾، گناهن کان بچندي، نيڪين ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪريون۔ 

پيارا اسلامي ڀائرو! سال بدلجندا رهندا آهن، ڪاش! هن سال رڳو سال نه بدلجي، پر اسان به بدلجي وڃون، ڪاش! اسان عبرت حاصل ڪريون، سال بدلجي رهيو آهي، اسان به پنهنجون عادتون بدلايون، گناهن جي عادت آهي ته توبهه ڪري وٺون * نمازون نه پڙهڻ جي عادت آهي ته پنج ئي وقت پابندي سان باجماعت نماز پڙهڻ وارا بڻجي وڃون * تهجد جي عادت اپنايون * اشراق، چاشت ۽ اوابين جا نفل پڙهڻ جي عادت بڻايون * درود پاڪ جي ڪثرت ڪندا رهون * قافلن ۾ سفر ڪرڻ جو معمول بڻائي ڇڏيون * پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ ۽ نيڪ اعمال جو رسالو ڀرڻ جي عادت اختيار ڪريون * نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارا بڻجي وڃون * سنتن ڀريو لباس اختيار ڪريون * سنت مطابق زُلفُون رکون * ڏاڙهي شريف سجائي ڇڏيون * عمامي جو تاج سجايون * ڪاوڙ ڪرڻ جي عادت آهي ته حِلم اختيار ڪريون* حسد، تڪبر، خود پسندي وغيره باطني بيمارين کان پنهنجي دل کي صاف ڪريون * سٺيون عادتون اختيار ڪريون، سٺا انداز اختيار


 

 



[1]... لطائف المعارف، صفحہ:400۔