Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
مهينو، نئون سال ڏسڻ ته نصيب ٿئي پر عمل بُرا ئي هجن، پهريان گناهن ۾ گرفتار هو، نئين سال ملڻ تي به گناهن ۾ گرفتار آهي، پهريان به غفلت ۾ ڏينهن گذري رهيا هئا، نئون سال شروع ٿيڻ تي به غفلت طاري آهي، اهڙو شخص سٺو نه آهي پر تمام گهڻو بُرو آهي.
منقول آهي ته هڪ نيڪ شخص جي قسمت جاڳي پئي، ان کي خواب ۾ پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت نصيب ٿي، عرض ڪيائين: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي نصيحت فرمايو! پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن شخص جا ٻه ڏينهن هڪ جهڙا هجن (يعني جيئن ڪالهوڪو ڏينهن گذريو هو، اڄوڪو ڏينهن به تيئن ئي گذري وڃي، يعني ڪالهه 5 نيڪيون ڪيون هئائين، اڄ به 5 ئي نيڪيون ڪيائين، نيڪين ۾ ڪو به واڌارو نه ٿيو، يا ڪالهوڪو ڏينهن گناهن ۾ گذريو هو، اڄوڪو ڏينهن به گناهن ئي ۾ گذري ، توبهه نه ڪئي ته اهڙو شخص) ڌوڪي ۾ آهي ۽ جنهن جو اڄوڪو ڏينهن گذريل ڏينهن کان وڌيڪ بُرو هجي، اهو ملعون آهي. ([1])
علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: صديقين (يعني تمام وڏي رتبي وارا اولياءِ ڪرام) ان ڳالهه کان حيا ڪندا آهن ته انهن جو اڄ جو ڏينهن