Maut Ke Beshumaar Asbab

Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab

هڪ جي پويان هڪ سال گذرندو پيو وڃي پر هو غفلت جي ننڊ مان بيدار نه ٿو ٿئي، اي اُهي شخص! جنهن جو سال گذري ويو پر هُو اڃان تائين گناهن جي سمنڊ ۾ غرق آهي،([1]) قيامت جي ڏينهن جڏهن تون الله پاڪ جي حضور ۾ حاضر ڪيو ويندين ته تو وٽ ڪهڙو بهانو هوندو؟ هن غفلت ۽ گناهن ڀري زندگي جو ڪهڙو عذر پيش ڪندين...!! 

بهتر   ڪير   آهي ...؟

ترمذي شريف ۾ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ سوال ٿيو: اَیُّ النَّاسِ خَیْرٌ؟ يعني بهترين انسان ڪير آهي؟ فرمايائون: مَنْ طَالَ عُمْرُہٗ وَ حَسُنَ عَمَلُہٗ جنهن جي عمر ڊگهي ۽ عمل سٺا هجن۔ پوءِ پڇيو ويو: اَیُّ النّاسِ شَرٌّ؟ يعني سڀني کان بُرو انسان ڪير آهي؟ فرمايائون: مَنْ طَالَ عُمْرُہٗ وَ سَاءَ عَمَلُہٗ جنهن جي عمر ڊگهي ۽ عمل بُرا هجن. ([2])

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اسان غور ڪريون ته ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي گذريل سال دنيا مان رخصت ٿي ويا، يقيناً اسان کي مهلت مليل آهي، اسان جا ساهه اڃان هلي رهيا آهن، يقيناً نئون سال ملڻ ڪا خوشي جي ڳالهه نه آهي، ڏسڻو ته اهو آهي ته اسان جا عمل ڪهڙا آهن؟ بهتر اهو آهي جنهن جي عمر ڊگهي هجي ۽ سندس عمل سٺا هجن ۽ جيڪڏهن نئون ڏينهن ته ملي، نئون هفتو، نئون


 

 



[1]... لطائف المعارف، صفحہ:407۔

[2]...ترمذی،کتاب :الزہد،باب:ما جاء فی طول العمر للمؤمن،صفحہ:557 ،حدیث:2330۔