Maut Ke Beshumaar Asbab

Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab

آهن، انهن ۾ به اسان جي لاءِ عبرت جو سامان آهي۔ الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمايو آهي: 

یٰۤاَیُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِیْهِۚ(۶)(پارو: 30، سورة انشقاق: 6)

ترجمو ڪنز العرفان: اي انسان! بيشڪ تون پنهنجي رب جي طرف ڊوڙڻ وارو آهين پوءِ ان سان ملڻ وارو آهين.

* حضرت فُضيل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ شخص کان پڇيو: تنهنجي عمر ڪيتري ٿي وئي آهي؟ چيائين: 60 سال۔ فرمايائون: 60 سالن کان تون الله پاڪ ڏانهن سفر ڪري رهيو آهين، عنقريب ان جي بارگاهه ۾ پهچي ويندين. ([1]) * صحابيءِ رسول حضرت ابو درداء رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا ته تنهنجي زندگي ڏينهن جو مجموعو آهي، جڏهن هڪ ڏينهن گذري ويو ته تنهنجي زندگي جو هڪ حصو پورو ٿي ويو. ([2]) ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ماڻهو هن دنيا تي ڪيئن خوش ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته هتي ڏينهن مهينن کي، مهينا سالن کي ۽ سال زندگي کي گهٽائيندا پيا وڃن. ([3]) 

زندگي گهٽ ٿيڻ تي خوشيون ملهائڻ وارا عجيب ماڻهو

علامه ابن رجب حنبلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: اي سال گذرڻ تي خوشيون ملهائڻ وارؤ! توهان اصل ۾ پنهنجي زندگي گهٽ ٿيڻ تي خوش ٿي رهيا آهيو. ([4]) وڌيڪ فرمائن ٿا: اي اُهي شخص! جنهن جو


 

 



[1]...لطائف المعارف، صفحہ:405۔

[2]...لطائف المعارف، صفحہ:405۔

[3]...لطائف المعارف، صفحہ:406۔

[4]... لطائف المعارف، صفحہ:405۔