Maut Ke Beshumaar Asbab

Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab

ئي ئي نوجوان شراب پيئندا پئي ويا ۽ لڙکڙائيندي هيٺ ڪرندا  پئي ويا، ايتري تائين جو فرش تي سندن تعداد وڌڻ لڳو. اوچتو هڪ دوست ٻئي کان پڇيو: هنن سڀني کي ڇا ٿيو آهي؟ هي سڀ ڇو سمهي پيا آهن؟ ٻئي دوست حيرت وچان اکين سان پنهنجن دوستن کي فرش تي ڪريل ڏٺو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي دوست ڏانهن ڏٺائين ته ٻئي معاملي جي نوعيت سمجهي ويا. تنهنڪري انهن فوراً پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ جڏهن پوليس محفل ۾ پهتي ته 27 نوجوان فرش تي تڙپي تڙپي جان جي بازي هارائي چڪا هئا جڏهن ته جيڪي جيئرا بچيا هئا اهي به بري طرح تڙپي رهيا هئا۔ پوليس هڪدم جيئرو بچي ويلن کي اسپتال پهچايو۔ ائين ريلوي ڪالوني ۾ رمضان جي مقدس مهيني ۾ سجايل ناچ ۽ گانن جي محفل موت جي محفل بڻجي وئي ۽ 36 نوجوان زهريلي شراب جي وَر چڙهي ويا. [1]

وہ ہے عیش و عشرت کا کوئی محل بھی     جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اَجَل بھی

بس اب اپنے اس جہل سے تُو نکل بھی   یہ جینے کا انداز اپنا بدل بھی

جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے               یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

نيو ايئر نائيٽ عبرت جي رات آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! نيو ائير نائيٽ شبِ غفلت نه پر شبِ عبرت آهي۔ جي ها! ڏينهن ۽ رات جو اچڻ وڃڻ، سج جو اُڀرڻ، پوءِ لهي وڃڻ، ڏينهن، هفتا، مهينا ۽ سالن جو گذرندو وڃڻ موت جا قاصد


 

 



[1] برائیوں کی ماں، صفحہ:14-15۔