Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
حديث پاڪ ۾ آهي : اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي، اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
جنهن کِلايو، اُنَ ئي روئاريو
روايتن ۾ آهي ته: هڪ دفعي ملڪ الموت(يعني موت جو فرشتو) حضرت عزرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ڪنهن جاءِ تي ويٺا هئا، ويٺي ويٺي مسڪرائڻ لڳا، پوءِ ٿوري ئي دير کان پوءِ روئڻ شروع ڪيائون.
رب ڪريم جيڪو سموريون لِڪيل ڳالهيون ڄاڻيندو آهي، الله پاڪ فرمايو: اي ملڪ الموت...!! تو ڇو مسڪرايو؟ ۽ پوءِ وري رُنا ڇو؟ عرض ڪيائين: اي الله پاڪ! هڪ دفعي تو مون کي حڪم ڏنو، مان هڪ عورت جو روح قبض ڪرڻ لاءِ پهتس، مون ڏٺو ته هوءَ ڏُور ڪنهن ريگستان ۾ هئي، ساڻس گڏ سندس کير پياڪ ٻار (Newborn Baby) به هو، انهن کان سواءِ پري پري تائين ٻيو ڪو به