Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
ملايا ويندا آهن * هوائي فائرنگ ڪئي ويندي آهي * جواني جي مستيءَ ۾ مست نوجوان گهٽين ۾ شور مچائيندا آهن * ڪيترائي نوجوان ته ون ويلنگ (One Wheeling) ڪندي موت جي حوالي به ٿي ويندا آهن * اهڙي طرح نيو ايئر نائيٽ (New Year Night) جي نالي تي ٿيڻ وارن فنڪشنز (Functions) ۾ ڪيترائي ماڻهو زهريلو شراب پيئڻ يا هوائي فائرنگ جي سبب يا ڪي وري آتشبازي جي نتيجي ۾ باهه ۾ سَڙِي موت جي مُنهَن ۾ هليا ويندا آهن.
ڪراچي جي ريلوي ڪالوني جو واقعو آهي۔ هڪ دفعي رمضان شريف جو مهينو هو، هن بابرڪت مهيني جي بابرڪت راتين جو تقدس پامال ڪندي، ريلوي ڪالوني جي ڪُل 40 نوجوانن رقص جي هڪ محفل سجائڻ جو پروگرام ٺاهيو۔ محفل ۾ ڳائڻ وڄائڻ سان گڏوگڏ شراب جو به بندوبست هو۔ جيئن ئي رات جي شروعات ٿي ته انهن نوجوانن گڏجي ناچ گانو شروع ڪري ڏنو، گڏوگڏ شراب جا جام به ڇُلڪائڻ لڳا۔ اهڙي طرح انهن سڄي ڪالوني ۾ اهڙو ته شور مچايو جو خدا جي پناہه. ان دوران ڪجهه نوجوان شراب جي نشي ۾ ڌُت ٿي ٿاٻڙجڻ لڳا ۽ ڦَههُ ڪري هيٺ ڪِري پيا۔ ٻين نوجوانن انهن جي ڪرڻ تي زور دار ٽهڪ ڏنا ۽ ان سان گڏ ئي شراب جو دور تيز ڪري ڇڏيائون.
ائين ئي جام تي جام هلندا رهيا، ناچ ٿيندو رهيو ۽ نوجوان دنيا کان بي خبر ان محفل جي رنگ ۾ رنڱجندا ويا. رات گهري ٿيندي