Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
نيو ايئر نائيٽ (New Year Night) ۽ طوفانِ بدتميزي
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ ڳالهه سچ آهي ته موت اچڻو آهي، اچڻو ئي اچڻو آهي۔ ان کي ڪنهن به طرح ٽاري نه ٿو سگهجي. اِها ڳالهه اسان کي چڱيءَ طرح معلوم آهي پر پوءِ به اسان دنيا جي رنگينين ۾ مشغول رهندا آهيون * ڪڏهن سوشل ميڊيا (Social media) * ڪڏهن پڪنڪ (Picnic) * ڪڏهن اجايو هوٽلنگ (Hotelling) * ته ڪڏهن دوستن سان گپ شپ جون محفلون * پر هاڻي ته پهرين جنوري اچڻ واري آهي، نيو ايئر نائيٽ (New Year Night) ...!! افسوس! جيئن ئي نئون سال ايندو آهي ته نوجوان اهڙو ته شور مچائيندا آهن جو اَلْاَمَان وَالْحَفِیْظ...!!
ٿيڻ ته ائين گهرجي ته جيئن ئي نئون سال شروع ٿئي ته اسان موت جو فڪر ڪريون، گذريل سال جو جائزو وٺون، نيڪيون ڪرڻ ۾ جيڪا ڪمي رهجي وئي، ان کي پورو ڪرڻ جو سوچيون، جيڪي گناهه ڪري ويٺاسين، انهن کان توبهه ڪريون پر افسوس! نئين سال جي شروعات ئي گناهن ۽ بُرن ڪمن سان ڪئي ويندي آهي۔ 31 ڊسمبر جي رات جو 12 ٿيندي ئي نيو ايئر نائيٽ (New Year Night) جي نالي تي طوفانِ بدتميزي برپا ٿيندو آهي * خاص ڪري نوجوان ته ڪجهه وڌيڪ ئي آپي کان ٻاهر نڪري ويندا آهن * ناچ گاني جون محفلون سجايون وينديون آهن * شراب پيتو ويندو آهي * جوا کيڏي ويندي آهي * رات جو 12 ٿيندي ئي ڪروڙين روپيا آتشبازي (Fireworks) جي نالي تي ساڙي خاڪ ۾