Maut Ke Beshumaar Asbab

Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab

انهن سوالن جوابن کان پوءِ سردار هٿ وڌائي هڪ کوپڙي کنئي ۽ چيو: حضرت ذوالقرنين! ڇا اوهان کي خبر آهي ته هيءُ ڪير آهي؟ فرمايائون: نه۔ سردار چيو: هيءُ هڪ بادشاهه هو۔ الله پاڪ هِن کي دنيا وارن تي حڪومت عطا فرمائي هئي پر هن ظلم ۽ ستم ڪيو ۽ سرڪش بڻجي ويو۔ پوءِ ڇا ٿيڻو هو، آخرڪار هڪ وقت آيو، هن جو روح به نڪري ويو ۽ هي موت جي ننڊ سمهي پيو. هاڻي هي رستي ۾ پيل پٿر وانگر بلڪل بيڪار آهي۔ ها! هن جا عمل شمار ڪيا ويا آهن، جن تي آخرت ۾ کيس سزا ڏني ويندي۔ ايترو چوڻ کان پوءِ سردار هڪ ٻي کوپڙي کنئي ۽ چيائين: اي حضرت ذوالقرنين! ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته هي ڪير آهي؟ فرمايائون: مان نه ٿو ڄاڻان، ڀلا ٻڌاءِ ته هي ڪير آهي؟ سردار چيو: هي به هڪ بادشاهه هو۔ هي پهريان واري بادشاهه جا ظلم ۽ زيادتيون ڏسي چڪو هو، تنهنڪري هن عاجزي اختيار ڪئي، الله پاڪ کان ڊنو ۽ عدل ۽ انصاف سان حڪومت ڪندو رهيو۔ آخرڪار هن کي به موت آيو، ان جا به عمل شمار ڪيا ويا آهن، ۽ آخرت ۾ ان کي به پنهجي عملن جو بدلو ڏنو ويندو۔ ([1])

ملے  خاک  میں  اہلِ  شاں  کیسے  کیسے           مکیں  ہو گئے  لا مکاں  کیسے  کیسے

ہوئے   نامور   بے  نشان  کیسے  کیسے             زمین  کھا گئی  نوجوان  کیسے  کیسے

جگہ   جی  لگانے  کی  دنیا  نہیں  ہے             یہ عبرت کی  جا ہے تماشا نہیں ہے


 

 



[1]...مکاشفۃ القلوب، الباب التاسع و الخمسون...الخ، صفحہ:216 ۔