Maut Ke Beshumaar Asbab

Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab

هڪ اهڙي شهر ۾ پهتا، جتي ماڻهن وٽ دنيا جو مال متاع بلڪل به نه هو، انهن قبرون تيار ڪري رکيون هيون، جڏهن صبح ٿيندو هو ته اهي قبرن جي طرف ايندا هئا، انهن جي ياد تازي ڪندا هئا، انهن کي صاف ڪندا هئا ۽ انهن جي ويجهو نمازون پڙهندا رهندا هئا۔ اُهي عجيب ماڻهو هئا، گاهه، پن ۽ سبزيون وغيره کائي پيٽ ڀريندا هئا ۽ الله پاڪ جي عبادت ۾ مصروف رهندا هئا. حضرت سڪندر ذوالقرنين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه انهن جي سردار وٽ تشريف فرما ٿيا، سلام دعا کان پوءِ چيائون: مان اوهان کي اهڙي حالت ۾ ڏسي رهيو آهيان جو ڪنهن قوم کي اهڙي حالت ۾ نه ڏٺو آهي۔ سردار چيو: ڪهڙي حالت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو؟ فرمايائون: اِها ئي ته توهان وٽ دنيا جو مال ۽ متاع ڪجهه به نه آهي. * سردار وراڻيو: اسان سون (Gold) ۽ چاندي (Silver) جمع ڪرڻ کي بُرو سمجهندا آهيون ڇو ته جنهن کي اِهي شيون ملي وينديون آهن، اُهو انهن ۾ گم ٿي آخرت کي وساري ويهندو آهي. پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پڇيو: توهان قبرون ڇو تيار ڪري رکيون آهن؟ * سردار جواب ڏنو: اِهو ان ڪري ته جڏهن اسان قبرن کي ڏسون ته انهن جي ياد تازي ٿيندي رهي ۽ ان جي ذريعي اسان دنيا جي لالچ کان پري رهون. پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پڇيو: توهان گاهه، پن ۽ سبزيون وغيره ئي ڇو کائيندا آهيو؟ * سردار چيو: کاڌو جڏهن نِڙِيءَ مان هيٺ لهي ويندو آهي ته پوءِ (چاهي اهو ڪيترو به لذيذ ڇو نه هجي) ان جو ڪو به ذائقو باقي نه رهندو آهي.