Maut Ke Beshumaar Asbab

Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab

* اسان اِهو سمجهندا آهيون ته اسان طاقتور آهيون * اسان سمجهندا آهيون ته اسان جوان آهيون * اسان سمجهندا آهيون ته اسان وٽ پئسو آهي، مال آهي، دولت آهي، بينڪ بيلنس آهي * وڏو عہدو آهي * ڪنهن کي ڊگهيون اميدون لوڙهي ڇڏينديون آهن * ڪو پنهنجي هوشياري ۽ چالاڪي تي فخر ڪندو آهي * ڪنهن کي پنهنجي سُريلي آواز تي گهمنڊ هوندو آهي * ڪو پنهنجي عقل جي غرور ۾ گم هوندو آهي۔ پر افسوس! هيءَ دنيا فريب آهي، وقت گذرندي ڪا خبر ئي نه پوندي آهي، آخرڪار حضرت عزرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تشريف کڻي ايندا آهن، آخري هِڏڪِي ايندي آهي، ساهه اٽڪندو آهي ۽ سڀ ڪجهه اِتي ئي رهجي ويندو آهي، ڪاڏي وئي دولت، ڪاڏي وئي جواني، ڪاڏي وئي طاقت ۽ ڪاڏي ويو اهو عہدو...!! 

بے وفا دنیا پہ مت کر اِعتبار                  تُو اچانک موت کا ہوگا شکار

دنیا میں رہ جائے گا یہ دبدبہ تِرا               زور تیرا خاک میں مل جائے گا

تیری طاقت تیرا فن عُہدہ تِرا                 کچھ نہ کام آئے گا سرمایہ ترا ([1])

بادشاهن جون کوپڙيون

حضرت سڪندر ذوالقرنين (Alexander Zulqarnain) رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ به آيو آهي، هِي به تمام وڏا بادشاهه هئا، انهن اوڀر ۽ اولهه جو سفر ڪيو۔ روايت ۾ آهي ته: هڪ دفعي هِي


 

 



[1]... وسائلِ بخشش، صفحہ:711 ملتقطاً۔