Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
اچڻ گهرجي. اي انسانو! پاڻ تي دنيا جا دروازا تنگ رکو! * توهان ايڏي وڏي بادشاهت جا مالڪ نه آهيو، جيتري جو مان مالڪ هئس * توهان ايترو وقت زندهه نه رهندؤ، جيترو وقت مان زندهه رهيس * توهان ايترو مال گڏ نه ڪري سگهندؤ، جيترو مون گڏ ڪيو هو، ها! ها! ٻڌي ڇڏيو...!! دنيا ڌوڪيباز آهي، قاتل آهي، پنهنجي طلبگار سان راند کيڏندي رهندي آهي. ([1])
بے وفا دنیا پہ مت کر اِعتبار تُو اچانک موت کا ہوگا شکار
موت آکر ہی رہے گی یاد رکھ! جان جا کر ہی رہے گی یاد رکھ!
گر جہاں میں و برس تُو جی بھی لے قبر میں تنہا قیامت تک رہے
جب فرشتہ موت کا چھا جائے گا پھر بچا کوئی نہ تجھ کو پائے گا
موت آئی پہلواں بھی چل دئیے خوبصورت نوجواں بھی چل دئیے
دنیا میں رہ جائے گا یہ دبدبہ زور تیرا خاک میں مل جائے گا ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا کي دارُالغُرور (The House of Pride) چوندا آهن. هيءَ هڪ فريب جي جاءِ آهي، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
وَ مَا الْحَیٰوةُ الدُّنْیَاۤ اِلَّا مَتَاعُ الْغُرُوْرِ(۱۸۵) (سيپارو: 4، سورة آل عمران: 185)
ترجموڪنزالعرفان ۽ دنيا جي زندگي ته صرف ڌوڪي جو سامان آهي.