Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
آيا...!! * فرعون جنهن کي تاج، تخت ۽ حڪومت ڏني وئي، خدائي جي دعويٰ ڪرڻ وارو بدبخت ڪافر * نمرود * هامان * قارون. اُهي ڪهڙين ڪهڙين طاقتن وارا * ڪهڙن ڪهڙن عہدن وارا * مال ۽ دولت وارا * عزت ۽ مرتبي وارا * رعب ۽ دٻدٻي وارا. انهن جون به هزارين خواهشون هيون، لکين تمنائون هونديون، تمام گهڻا خواب سجايا هوندائون پر افسوس! موت انهن کي اچي سوڙهو ڪيو ۽ کين فنا ڪري ڇڏيو.
پہلوانوں کو پچھاڑا موت نے کھیل کتنوں کا بگاڑا موت نے
تابعي بزرگ حضرت وهب بن منبه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا ته هڪ دفعي الله پاڪ جا نبي حضرت ابراهيم خليل الله عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سفر دوران هڪ جبل تي پهتا، اتي هڪ گهر هو، جنهن جا ٻه دروازا هئا، پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم اندر داخل ٿيا، اندر هڪ تخت هو، ان تي ڪنهن جو لاش رکيل هو۔ جنهن جي مٿان 70 حُلّا (يعني خوبصورت ڪپڙا) وِڌل هئا، مٿي جي ڀرسان هڪ تختي رکيل هئي، حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان تختي کي پڙهيو ته ان تي لکيل هو: مان شدّاد بن عاد آهيان * مان هڪ هزار سالن تائين جيئرو رهيس * مون هڪ هزار لشڪرن کي شڪست ڏني * مان ئي شهرِ اِرم (يعني جنت جهڙو شهر) ٺاهيو۔ پر افسوس! جڏهن منهنجي موت جو وقت آيو ته منهنجون سڀئي تدبيرون ناڪام ٿي ويون * مون سڄي دنيا مان ڊاڪٽرن کي پنهنجي محل ۾ گڏ ڪيو پر انهن مان ڪو به موت کي ٽاري نه سگهيو، تنهنڪري جنهن مون کي ڏٺو، ان کي دنيا جي فريب ۾ نه