Maut Ke Beshumaar Asbab

Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab

سندس حوالي ڪيون ۽ چيو توهان جون سڀئي رپورٽون بلڪل ٺيڪ آهن، توهان کي في الحال ڪا به بيماري وغيره نه آهي۔ ان شخص پنهنجون رپورٽون کنيون ۽ جيئن ئي گهر وڃڻ لاءِ اٿيو ته اتي ئي ڪري پيو۔ ڏٺو ويو ته سندس روح پرواز ڪري چڪو هو. 

بے وفا دنیا پہ مت کر اِعتبار                         تُو اچانک موت کا ہوگا شکار

موت آکر ہی رہے گی یاد رکھ!                   جان جا کر ہی رہے گی یاد رکھ!

گر جہاں میں سو برس تُو جی بھی لے            قبر میں تنہا قیامت تک رہے[1]

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پِيرِي موت تائين پهچائي ڇڏيندي آهي

 حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ابن آدم جو مثال اهڙو آهي جو ان جي چوڌاري 99 موتَ ڦرندا رهندا آهن، جيڪڏهن انهن کان بچي وڃي ته پِيرِيءَ کي وڃي پهچندو آهي، ايسيتائين جو کيس موت اچي ويندو آهي.([2])

 مشهور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا ته يعني انسان جي لاءِ موت جا بيشمار (Countless) سبب آهن، هر گهڙي موت سندس مٿان سوار آهي پر جيڪڏهن الله پاڪ جي حڪم سان ان کان بچي ويو ته آخر ۾ کيس پوڙهائپ ضرور ايندي، جنهن کان پوءِ موت يقيني (Confirm)


 

 



[1]وسائلِ بخشش، صفحہ:711۔

[2]... ترمذی،کتاب:القدر،صفحہ:519 ،حدیث:2150۔