Book Name:Maut Ke Beshumaar Asbab
فَبَقِيَ مُتَعَلِّقًا بِخَيْطٍ فِي آخِرِهٖ
بس آخر ۾ هڪ ڌاڳي سان اٽڪيل آهي،
فَيُوشِكُ ذٰلِكَ الْخَيْطُ أَنْ يَنْقَطِعَ
بس ٿوري ئي عرصي ۾ اهو ڌاڳو به ٽُٽي ويندو.([1])
ڪنهن شاعر ڪيڏي نه خوبصورت عڪاسي ڪئي آهي:
اِک یہ جہاں، اِک وہ جہاں، دونوں جہاں کے درمیاں
ہے فاصلہ اک سانس کا، گر آگئی تو یہ جہاں، گر رُک گئی تو وہ جہاں
اِها صرف هڪ ساهه جي تندُ ئي ته آهي، مختصر تند، ڪمزور تند ...!! ڪجهه منٽ آڪسيجن (Oxygen) نه ملي ته ساههُ ٻُوساٽجڻ لڳندو آهي، اَٽڪي پوندو آهي، ساھ گهُٽجي ويندو آهي، بس هيءَ تند ٽٽڻ جي دير آهي، ٻانهو دنيا کان رخصت ٿي ويندو آهي۔ دنيا جي اها ئي حقيقت آهي.
هڪ واقعو ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل هو هڪ شخص پنهنجي شهر جي ماهر ترين ڊاڪٽر (Specialist Doctor) وٽ ويو، پنهنجو چيڪ اپ (Check up) ڪرايائين۔ ڊاڪٽر صاحب واقعي ماهر هئا، انهن چڱي نموني چيڪ اپ ڪيو، رت جون ٽيسٽون ڪرايون، رپورٽون (Reports) اچي ويون، اهو شخص پنهنجون رپورٽون کڻڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب وٽ پهتو، ڊاڪٽر صاحب ڏاڍي خوشي ۽ تسلي سان رپورٽون