Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

سورت فاتحه جي فضيلت به معلوم ٿي ته خواجه عثمان هاروَني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه       سورت  فاتحه جي تلاوت ڪئي ۽ بغير ڪنهن ظاهري سبب جي درياء جي پار پهچي ويا.

هيءَ ڪرامت جيتوڻيڪ انهن جو حصو هئي، پر! سورت فاتحه پڙهي ان جون برڪتون اسان کي به حاصل ڪرڻ گهرجن.

سورت فاتحه جا ڪجهه فائدا ۽ برڪتون

 رسولِ اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ارشاد پاڪ آهي: اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْن (يعني پوري سورت فاتحه) قرآن ڪريم جي سڀ کان عظمت واري سورت آهي. ([1])

 هڪ حديث پاڪ ۾ فرمايائون: اُن ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، بيشڪ سورت فاتحه جهڙي سورت نه توريت (Torah) ۾ آهي، نه انجيل (Bible) ۾ آهي، نه زبور (Psalms) ۾ آهي ۽ نه ئي قرآن ڪريم جي بقايا سورتن ۾ آهي، بيشڪ هيءَ ئي سَبْعِ مَثانی (يعني بار بار پڙهي وڃڻ واري 7 آيتن واري سورت) آهي. ([2]) 

عرش جي هيٺان وارو هڪ خزانو

 مسلمانن جي چوٿين خليفي، امير المؤمنين حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان سورت فاتحه جي باري ۾ سوال ڪيو ويو  ته فرمايائون: مون کي رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌايو ته سورت فاتحه


 

 



  [1] بخاری، کتاب التفسیر، باب  وَلَقَدْ آتَيْنَاكَ سَبْعًا مِنَ الْمَثَانِي ...الخ، صفحہ:1178، حدیث:4703۔

[2]...ترمذی، کتاب فضائل القرآن، باب ما جاء فی فضل فاتحۃ الکتاب، صفحہ:669، حدیث:2875۔