Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat
حديث پاڪ ڊگهي آهي، پر مان موضوع جي مناسبت سان صرف هڪ جملو عرض ڪندس۔ حديث قدسي آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: فَاِذَا اَحْبَبْتُهُ كُنْتُ رِجْلَهُ الَّتِي يَمْشِي بِهَا يعني الله پاڪ فرمائي ٿو: جڏهن مان ڪنهن ٻانهي کي محبوب بڻائي ڇڏيندو آهيان ته ان جا پيرَ ٿي ويندو آهيان (يعني ان جي پيرن ۾ خاص نوراني طاقت رکي ڇڏيندو آهيان) جن سان هو هلندو آهي.[1]
يعني ظاهري طور ڏسڻ ۾ اوهان کي ڪنهن عام شخص جا به 2 پير نظر ايندا آهن ۽ ولي الله جا به 2 ئي پير هوندا آهن، پر عام شخص جڏهن هلندو آهي ته انهن مِٽيءَ جي پيرن سان هلندو آهي، پر ولي الله جڏهن هلندو آهي ته الله پاڪ جي عطا ڪيل خاص نوراني طاقت سان هلندو آهي.
معلوم ٿيو ته جيڪي الله پاڪ جا محبوب ٻانها هوندا آهن، رب ڪريم انهن جي هٿن، وات، زبان، ۽ ڪنن سان گڏوگڏ سندن پيرن کي به اهڙي طاقت عطا فرمائيندو آهي جو اهڙي طاقت ڪنهن ٻئي کي نه ڏني ويندي آهي. تنهنڪري الله پاڪ جو ولي جيڪڏهن الله پاڪ جو ڪلام پڙهي، الله پاڪ جي ڏنل طاقت سان بغير ٻيڙي جي درياء پار ڪري وٺي ته ان ۾ ڪا تعجب جي ڳالهه نه آهي.
کچھ لے کے اُٹھو اہلِ صفا کے در سے یہ در ہیں قریب مصطفےٰ کے در سے
ایماں، یقیں، سکوں، رسالت، توحید سب کچھ ملتا ہے اولیا کے در سے
پيارا اسلامي ڀائرو! خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي واقعي مان اسان کي