Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

چڪا هئاسين.

نہ پُوچھ ان خرقہ پوشوں کی، اِرادت ہو تو دیکھ ان کو

یدِ بیضا لیے  بیٹھے ہیں اپنی آستینوں میں[1]

وضاحت: الله وارن کي الله پاڪ ڪيڏي نه شان عطا ڪئي آهي، جيڪڏهن ان جو نظارو ڪرڻو آهي ته انهن جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي وڃو، اِهي الله وارا، الله پاڪ جي عطا سان پنهنجي هٿن ۾ قدرتِ الٰهي جا نظارا کڻي ويٺا آهن (يعني الله پاڪ انهن جي هٿن مان ڪرامتن جو ظهور فرمائيندو آهي)

    خواجہ حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    فرمائن ٿا: مون پيرصاحب جي خدمت ۾ عرض ڪيو: عالي جاہه! اِهو ڪيئن ٿي ويو؟ اسان درياء جي هُن پار ڪيئن پهچي وياسين؟ فرمايائون: مان 5 دفعا سورت فاتحه پڙهي درياء ۾ پير رکيو ۽ اسان درياء جي هُن پار پهچي وياسين.[2]

اولياءِ ڪرام جي قدمن جي ڪرامت

     پيارا اسلامي ڀائرو! اِها سورت  فاتحه جي عظيم الشان برڪت ۽ حضور خواجه عثمان هاروَني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه     جي زبردست ڪرامت آهي، جنهن جي ذريعي پاڻ ڪجهه ئي منٽن ۾، بغير ٻيڙيءَ جي درياء پار ڪري ورتائون.

     هاڻي شيطان وسوسو ڏياريندو ته اِهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ حديث پاڪ ٻڌو! ۽ حديث پاڪ به معتبر ترين ڪتاب بخاري شريف جي آهي۔


 

 



[1] کلیات اقبال، بانگِ درا، صفحہ:130۔

[2] دلیل العارفین، مجلس ہفتم، صفحہ:40۔