Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

ڪندي ڪندي گذري وڃي.

خُدا کا ذِکْر کرے، ذِکْرِ مصطفےٰ نہ کرے                              ہمارے منہ میں ہو ایسی زباں خُدا نہ کرے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

خواجه حضور جي قرآن سان محبت

پيارا اسلامي ڀائرو! اچو ته ڇهين شريف جي نسبت سان ذڪرِ خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا. اڄ اسان جو موضوع آهي: خواجه حضور جي قرآن سان محبت (Khwaja Huzoor's love for the Quran)۔ اچو ته پهريان هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌون! پوءِ پنهنجي موضوع جي طرف هلون ٿا.

اکيون بند، درياء پار

حضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   فرمائن ٿا ته هڪ دفعي مان پنهنجي پير صاحب شيخ عثمان هاروَني (Usman Harwani) رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان گڏ ڪنهن سفر تي روانو هيس، اسان هلندا هلندا درياءِ دجله (Tigris River) تي پهتاسين. اسان کي درياء پار ڪرڻو هو پر اتي ڪا به ٻيڙي (Boat) موجود نه هئي، وڃڻو به جلدي هو ۽ ظاهري طور ٻي ڪا صورت به نظر نه اچي رهي هئي.

سُبْحٰنَ اللہ! جنهن جو پير ڪامل هجي، ان کي ڀلا ڪهڙي پريشاني ٿي سگهي ٿي۔ خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    فرمائن ٿا: منهنجي پير صاحب شيخ عثمان هاروَني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    مون کي فرمايو: اکيون بند ڪر! مون فوراً اکيون بند ڪري ڇڏيون. ٿوري دير کان پوءِ فرمايائون: هاڻي اکيون کولي ڇڏ...!! مون اکيون کوليون ته اسان درياء جي هُن پار پهچي