Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

     مسلمانن جي چوٿين خليفي، حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جو بيان آهي ته مون رسولِ اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان هن آيت ڪريمه جي وضاحت پڇي ته فرمايائون: اي علي! جيڪو ايمان آڻيندو آهي ۽ نيڪ عمل ڪندو آهي، الله پاڪ مسلمانن جي دلين ۾ ان جي محبت پيدا ڪري ڇڏيندو آهي، ملائڪ به ان سان محبت ڪندا آهن ۽ نيڪ ماڻهن جي دلين ۾ به ان جي عزت داخل ڪئي ويندي آهي.([1])

     حديث پاڪ ۾ آهي: جڏهن ڪو ٻانهو الله پاڪ جو محبوب (يعني پيارو) بڻجي ويندو آهي ته ملائڪن کي به ان سان محبت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو آهي ۽ ثُمَّ یُوْضَعُ لَہُ الْقَبُوْلُ فِی الْاَرْضِ پوءِ زمين ۾ ان ٻانهي جي مقبوليت رکي ويندي آهي (يعني ماڻهن جون دليون ان ڏانهن مائل ڪيون وينديون آهن). ([2])

     معلوم ٿيو ته اهي اسان نه آهيون جيڪي اولياء جو ذڪر ڪندا آهيون بلڪ اِها ته رب ڪريم جي عنايت ۽ مهرباني آهي جو اسان جهڙن کان پنهنجي محبوب ٻانهن جو پاڪ ذڪر ڪرائي رهيو آهي.

     الله پاڪ پنهنجي هيءَ عنايت اسان تي هميشه قائم رکي، ڪاش! مرڻ گهڙيءَ تائين ذڪرِ مصطفيٰ ڪندا رهون، ذڪرِ صحابه، ذڪرِ اهلِ بيت سان زبان هر وقت تَر رهي، ڪاش! سموري زندگي ذڪرِ اولياء


 

 



[1]...نوادرالاصول،الاصل التاسع والخمسون والمائۃ فی المقۃ...الخ،جلد:1،صفحہ:426 ۔

[2]...مسلم،کتاب البر و الصلۃ و الآداب،باب اذا احب اللہ عبدا ...الخ،صفحہ:1016،حدیث:2637۔