Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

هاڻي مخلوق فريد  فريد  ڪري رهي آهي

پير مهر علي شاهه صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه     جيڪي بلند رتبي وارا عالمِ دين، سيد زاده ۽ تمام وڏا وليءِ ڪامل آهن، پاڻ هر سال بابا فريد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه     جي مزار شريف تي حاضري ڏيندا هئا، هڪ دفعي پاڻ پاڪپتن تشريف کڻي ويا ته ڪنهن بدعقيده عرض ڪيو: اوهان ته عالمِ دين آهيو، اوهان به مزارن تي وڃو ٿا؟ پير مهر علي شاهه صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمايو ته مان هتي قرآني آيت جي تفسير اکين سان ڏسڻ ايندو آهيان۔ ان بدعقيده حيرت مان پڇيو: ڪهڙي آيت جي تفسير؟ فرمايائون: الله پاڪ جو فرمان آهي: 

فَاذْكُرُوْنِیْۤ اَذْكُرْكُمْ (پارو: 2، سورة بقرة: 152)

 ترجمو ڪنز العرفان: پوءِ توهان مون کي ياد ڪريو، مان توهان کي ياد ڪندس۔

 بابا فريد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    اُها هستي آهن، جن سڄي زندگي الله پاڪ جو ذڪر ڪندي گذاري، هاڻي مان ڏسڻ ايندو آهيان ته واقعي انهن جو چرچو ٿي رهيو آهي، هو   الله پاڪ جو  ذڪر  ڪندا  هئا، هاڻي مخلوق فريد فريد ڪري رهي آهي. ([1])

اولياء  جي محبت دلين ۾ داخل ڪئي ويندي آهي

الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي: 

اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَیَجْعَلُ لَهُمُ الرَّحْمٰنُ وُدًّا(۹۶) (پارو: 16، سورة مريم: 96)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، عنقريب رحمٰن انهن جي لاءِ محبت پيدا ڪندو.


 

 



[1]...مہر منیر، صفحہ:430، 431 خلاصۃً۔