Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat
فرمايو. پاڻ به مطالعو ڪريو ۽ ٻين کي به تحفي طور پيش ڪريو.
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ ڪجهه آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اُهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسول هاشمي صَلّی اللہُ عَلَیْہ وآلِہ وسَلَّم: (1): منهنجي امت جي افضل ترين عبادت تلاوتِ قرآن آهي. ([2])
اي عاشقان رسول! قرآن ڪريم جي تلاوت ڪرڻ سنت آهي. اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪثرت سان قرآن ڪريم جي تلاوت فرمائيندا هئا * حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون ته ڪا به شيءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تلاوت کان نه روڪيندي هئي * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رات جي نماز ۾ ڪڏهن ڪڏهن مڪمل سورت بقره ۽ سورت آل عمران جي تلاوت فرمائيندا هئا * روزانو رات جو سورت سجدة، سورت ملڪ، سورت بني اسرائيل،