Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat
ڪردار ۾ تبديلي ايندي ڏٺي ته آهستي آهستي انهن به نرمي ڪرڻ شروع ڪئي۔ اَلحَمۡدُلله! اجتماع جي برڪت سان درست عقيدا اختيار ڪرڻ، مٿي تي عمامو شريف سجائڻ ۽ سنت جي مطابق ڏاڙهي رکڻ جي سعادت نصيب ٿي وئي.
تِرا شکر مولا دیا دینی ماحول نہ چھوٹے کبھی بھی خدا دینی ماحول
سلامت رہے یاخدا دینی ماحول بچے بد نظر سے سدا دینی ماحول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
فتاويٰ رضويه موبائل ايپلي ڪيشن
اي عاشقان رسول! الحمد للہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام پياري ايپلي ڪيشن فتاويٰ رضويه (Fatawa Razwia) جي نالي سان جاري ڪئي آهي * هن ايپلي ڪيشن ۾ فتاويٰ رضويه جا سڀئي جلد شامل آهن ۽ هر جلد جي رسالن ۽ موضوعن جي مختصر فهرست به شامل ڪئي وئي آهي * فتاويٰ رضويه جي سمورن رسالن (جيڪي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پڇيل سوالن جي جوابن ۾ تحرير فرمائيندا هئا) جي الڳ فهرست به موجود آهي * هن ايپلي ڪيشن ۾ هڪ تمام بهترين فيچر ايڊوانس سرچ (Advanced Search) جو به آهي، جنهن جي ذريعي پنهنجي گهربل ڳالهه کي آساني سان ڳولي سگهجي ٿو، ڪنهن خاص جلد يا خاص رسالي ۾ به تلاش ڪرڻ جي سهولت موجود آهي * ڪنهن به جلد کي چونڊي ان جي گهربل صفحي تي وڃي سگهجي ٿو * لفظن جي فونٽ سائيز به پنهنجي مرضي سان منتخب ڪري سگهجي ٿي