Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

الحمد للہ! هفتيوار اجتماع ۾ ذڪر ٿيندو آهي * علمِ دين به سکڻ لاءِ ملندو آهي * نيڪ صحبت ۾ ويهڻ * ۽ مسجد ۾ وقت گذارڻ نصيب ٿيندو آهي * هڪ اهم برڪت هيءَ به آهي ته ديني اجتماع لاءِ وڃڻ به راههِ خدا ۾ نڪرڻ آهي، هفتيوار اجتماع ۾ تشريف کڻي ايندؤ ته ان شاء الله الكریم! گهر مان نڪرڻ کان وٺي واپس موٽڻ تائين سمورو وقت راههِ خدا ۾ شمار ٿيندو۔ هر جمعي جي رات پابندي سان هفتيوار اجتماع ۾ شروع کان آخر تائين شرڪت جي نيت ڪري ڇڏيو! اچو ته ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جي لذت

هڪ اسلامي ڀاءُ جي خط جو خلاصو آهي ته منهنجو تعلق بدمذهب گهراڻي سان هو۔ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿيڻ جي سعادت هن طرح نصيب ٿي جو هڪ دفعي دعوتِ اسلامي واري هڪ عاشقِ رسول اسلامي ڀاءُ سان ملاقات ٿي. انهن مون کي هفتيوار سنتن ڀريي اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جنهن کي مان نه چاهيندي به قبول ڪري ورتو۔ جڏهن مان اجتماع ۾ شريڪ ٿيس ته اتي ٿيڻ واري پُرسوز بيان ۽ رقت انگيز دعا منهنجي دل ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري مون کي دلي سڪون حاصل ٿيو، بس پوءِ ته اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجو معمول بڻجي ويو۔ گهر وارن کي خبر پئي ته انهن رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون۔ الله پاڪ جي عطا ڪيل توفيق سان مان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اجتماع ۾ پهچي ئي ويندو هئس. هاڻي منهنجو نيڪين ڪرڻ جو جذبو ڏينهون ڏينهن وڌندو پئي ويو. منهنجي اخلاق ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي، گهر وارن جڏهن منهنجي اخلاق ۽