Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat
امام حسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا جي باغ جا گُلَ ۽ حضرت علي رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي اکين جا تارا آهيو ۽ مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن جا شيدائي آهيو.
ڪڏهن ڪڏهن شيطان وسوسو ڏياريندو آهي ته اِها ڪهڙي ڳالهه آهي، هئڻ ته ائين گهرجي ته ماڻهن کي قرآن ٻڌايو وڃي، حديثون ٻڌايون وڃن، نماز ۽ روزي جي باري ۾ ٻڌايو وڃي، پر اوهان جڏهن ڏسو بس ٻانهن جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهيو * ڪڏهن غوث پاڪ جو ذڪر * ڪڏهن خواجه حضور جو ذڪر * ڪڏهن داتا صاحب * ته ڪڏهن اعليٰ حضرت.
پهرين ڳالهه ته اسان اَلحَمۡدُلله! قرآن به ٻڌائيندا آهيون، حديثون به ٻڌائيندا آهيون، هاڻي به ڏسندؤ ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بيان ۾ ڪيتريون آيتون ۽ ڪيتريون حديثون پيش ڪيون وينديون، رهي نماز ته اَلحَمۡدُلله! دعوتِ اسلامي وارا عاشقان رسول سڄي دنيا ۾ مسجد مسجد، ۽ دڪان دڪان وڃي نمازون سيکاريندا آهن۔ اڄ جي دور ۾ شايد ڪو ٻيو پليٽ فارم (Platform) اهڙو نه هجي، جتي باقاعده نماز ڪورس ڪرايو ويندو هجي، اوهان جي دعوتِ اسلامي اَلحَمۡدُلله! فيضانِ نماز ڪورس به ڪرائيندي آهي۔
باقي رهي هيءَ ڳالهه ته اسان اولياءِ ڪرام جو ذڪر ڇو ڪندا آهيون؟ ان جي متعلق عرض آهي ته اسان اولياء جو ذڪر نه ڪندا آهيون، اسان ڪير ٿيندا آهيون، انهن بلند شان وارن جو ذڪر ڪرڻ وارا، هِي ته الله پاڪ جو ڪرم آهي، اُن جي عنايت آهي جو اسان جهڙن گنهگارن کي ذڪرِ اولياء ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائيندو آهي.