Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي فيضانِ اولياء آهي. اَلحمدُلله! الله وارن جي نقشِ قدم تي هلندي، هيءَ تحريڪ قرآنِ ڪريم جي خدمت ڪرڻ ۽ قرآني تعليمات کي عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي.
الحمدُلله! خدمتِ قرآن جي جذبي تحت، دعوتِ اسلامي هيستائين ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ هزارين مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) قائم ڪري چڪي آهي، جن ۾ لکين ٻارڙا ۽ ٻارڙيون مفت ناظره ۽ حفظِ قرآن جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ هزارين هنڌن تي مدارس المدينه (بالغان ۽ بالغات) پڻ لڳايا پيا وڃن، جن ۾ وڏي عمر جا اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون قرآنِ ڪريم پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن.
* مڪتبة المدينه جي ذريعي مدني قاعدو، ترجمه قرآن ڪنزالايمان مع خزائن العرفان ۽ تفسير صراط الجنان سميت هڪ درجن کان وڌيڪ ڪتاب، لکن ۽ هزارن جي تعداد ۾ شايع ٿي چڪا آهن. * مدني چينل تان 15 کان وڌيڪ اهڙا سلسلا نشر ٿي چڪا آهن، جيڪي قرآنِ ڪريم کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ سان لاڳاپيل آهن.* شعبه امام مساجد جي نگرانيءَ ۾ هلندڙ مسجدن ۾، جمعي جي اجتماعن ۾ سلسليوار قرآني بيانن جو سلسلو جاري آهي. * شعبه ڪورسز جي تحت مُدرس ڪورس، مدني قاعدو ڪورس ۽ ان کان علاوه قرآنِ ڪريم جي فهم ۽ تلاوت کي درست ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ٻيا ڪورس پڻ ڪرايا ويندا آهن. * اهڙي طرح مختلف موبائل ايپلي ڪيشنز،