Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat
گڏوگڏ يوسي (UC) سطح تي سحري اجتماعن جو پڻ انتظام ڪيو ويندو آهي.
انهن اجتماعن ۾ نمازِ تهجد جو پڻ خاص اهتمام ڪيو ويندو آهي. نمازِ تهجد جي به ڇا ته نرالي شان آهي! فرض نمازن کان پوءِ سڀ کان افضل نماز تهجد آهي.[1] آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ڇا مان اوهان کي ڀلائيءَ جا دروازا نه ٻڌايان؟ پوءِ پاڻ سڳورن فرمايو: (1) روزو ڍال آهي. (2) صدقو گناهن کي ائين مٽائي ڇڏيندو آهي، جيئن پاڻي باهه کي وسائي ڇڏيندي آهي. ۽ (3) ٻانهي جو آڌي رات جو قيام ڪرڻ (يعني نمازِ تهجد ادا ڪرڻ ڀلائيءَ جو وڏو دروازو آهي).[2]
تمام اسلامي ڀائرن جي خدمت ۾ التجا آهي ته سحري اجتماعن ۾ به ڀرپور شرڪت ڪن ۽ نفل روزا رکڻ جي پڻ ڪوشش فرمائين. جيڪڏهن ممڪن هجي ته رجب شريف جي روزن واري تحريڪ ۾ شامل ٿي وڃو. هن مبارڪ مهيني ۾ جيڪو به اسلامي ڀاءُ يا اسلامي ڀيڻ * 7 روزا رکڻ جو شرف حاصل ڪري، اهو Best آهي .* جيڪو 4 روزا رکڻ جي سعادت ماڻي، اهو Better آهي .* جيڪو 2 روزا رکڻ جو شرف حاصل ڪري، اهو Good آهي. همت ڪريو! نيت ڪريو! ۽ توهان به هن نيڪ تحريڪ جو حصو بڻجو! الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد