Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat
ٿيا، فاتحه شريف پڙهيائون، پوءِ قرآن ڪريم کڻي ان جي ٻنهي اکين تي لڳايائون، بس قرآن ڪريم اکين تي لڳڻ جي دير هئي، ان جي برڪت سان سندس ٻئي اکيون روشن ٿي ويون. ([1])
انهيءَ ئي سلسلي ۾ خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ ٻيو واقعو بيان ڪندي فرمايو: هڪ تمام گهڻو گنهگار شخص هو، سندس گناهن جي سبب ماڻهو ان کان نفرت ڪندا هئا، سمجھائڻ وارا کيس تمام گهڻو سمجھائيندا هئا پر هو گناهه ڪرڻ کان نه مُڙندو هو، آخرڪار هُو انهيءَ ئي حال ۾ وفات ڪري ويو، مرڻ کان پوءِ ڪنهن ان کي خواب ۾ ڏٺو ته سندس مٿي تي تاج سجايل آهي، جنتي لباس پائي ملائڪن سان گڏ جنت ڏانهن وڃي رهيو آهي۔ خواب ڏسڻ واري کانئس پڇيو: تون ته وڏو گنهگار هُئين، توکي هيءَ سعادت ڪيئن نصيب ٿي؟ جواب ڏنائين ته دنيا ۾ مون کان هڪ نيڪي ٿي هئي، اها هيءَ ته مان جتي به قرآن ڪريم ڏسندو هئس ته اُتي بيهي ان کي وڏي عزت جي نگاهه ڏسندو هيس، بس ان ئي نيڪي جي برڪت سان الله پاڪ مون کي بخشي ڇڏيو. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي الله پاڪ جي پاڪيزه ڪلام قرآن ڪريم جو...!! ڪاش! اسان هن عظيم الشان ڪتاب قرآن ڪريم جو قدر ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، قرآن ڪريم کي ڏسڻ به عبادت آهي، ان کي ڇُهَڻ به عبادت آهي، ان کي پڙهڻ به عبادت آهي ۽ سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي نه اعليٰ