Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat
پيارا اسلامي ڀائرو! خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه قرآن ڪريم سان تمام گهڻي محبت فرمائيندا هئا، گڏوگڏ ٻين کي به قرآن ڪريم سان محبت جو درس ڏيندا هئا۔ خواجه بختيار ڪاڪي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا ته سومر شريف جو ڏينهن هو، مان خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، ان وقت شيخ محمد اَوۡحد چشتي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ۽ ٻيا بزرگ به اُتي موجود هئا، خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه درس ڏنو۔ هن ۾ (قرآن سان محبت جي ترغيب ڏيندي) فرمايائون: قرآن ڪريم کي ڏسڻ عبادت آهي۔ جيڪو شخص ڪلام الله (يعني قرآن ڪريم) ڏانهن ڏسندو آهي ۽ ان جي تلاوت ڪندو آهي ته ان کي ٻِيڻو ثواب ملندو آهي، هڪ قرآن ڪريم پڙهڻ جو ۽ ٻيو قرآن ڪريم کي ڏسڻ جو. ([1])
خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڌيڪ فرمايو ته جيڪو شخص قرآن ڪريم کي ڏسندو آهي * الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان ان جي نظر (Eyesight) وڌي ويندي آهي * ان جون اکيون ڪڏهن به نه ڏکنديون آهن * ۽ نه ئي خشڪ ٿينديون آهن.
هڪ دفعي هڪ بزرگ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تشريف فرما هئا، سامهون قرآن ڪريم رکيل هو، ايتري ۾ هڪ نابين (Blind) شخص حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: مون تمام گهڻو علاج ڪرايو آهي پر منهنجيون اکيون ٺيڪ نه ٿيون ٿين، توهان دم ڪري ڇڏيو! اُهي بزرگ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه قبلي رخ