Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

گذاريندا هئا، حضرت ثابت بُناني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  کي تلاوتِ قرآن جو تمام گهڻو شوق هو، روزانو قرآن شريف جو هڪ ختم پورو ڪندا هئا. ([1])

ان جي برڪت سان پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    تي ايڏو ڪرم ٿيو جو سندن مٿان رشڪ ايندو آهي. جيئن ته وفات کان پوءِ تدفين (Burial)  دوران اوچتو هڪ سِرَ قبر جي اندر ڪِري پئي، ماڻهو سِرَ کڻڻ جي لاءِ جڏهن جهڪيا ته هي ڏسي حيران ٿي ويا ته پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    قبر ۾ بيٺا نماز پڙهي رهيا آهن۔ سندن گهر وارن کان جڏهن معلوم ڪيو ويو ته انهن جي شهزادي صاحبه ٻڌايو ته منهنجا والدِ محترم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    روزانو دعا ڪندا هئا ته اي الله پاڪ! جيڪڏهن تون ڪنهن کي وفات کان پوءِ قبر ۾ نماز پڙهڻ جي سعادت عطا فرمائين ته مون کي به اهڙي سعادت عطا فرمائجان. ([2])  منقول آهي ته جڏهن به ماڻهو حضرت ثابت بُناني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    جي مزار پرانوار جي ڀرسان گذرندا هئا ته قبر انور مان تلاوتِ قرآن جو آواز اچي رهيو هوندو هو.  ([3])

دہن میلا نہیں ہوتا، بدن میلا نہیں ہوتا                    خُدا کے اَوْلیا کا تو کفن میلا نہیں ہوتا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                   صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! خوب تلاوتِ قرآن جي سعادت ماڻيو! حضرت ثابت بُناني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    جيان دل ۾ تڙپ به رکو! ڪهڙي خبر اسان تي به ڪرم ٿي وڃي ۽ جيئن ئي تنهائي جي گهر قبر ۾ لهون ته الله پاڪ جي پاڪيزه ڪلام قرآن ڪريم جو ساٿ نصيب ٿي وڃي.


 

 



[1]...حلیۃ الاولیا، جلد:2، رقم:2575، صفحہ:364۔

[2]...حلیۃ الاولیا، جلد:2، رقم:2568، صفحہ:362۔

[3]...حلیۃ الاولیا، جلد:2، رقم:2583، صفحہ:366۔