Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

۽ ارشاد فرمايائون ته مان شاهدي ٿو ڏيان ته توهان الله پاڪ وٽ زندهه آهيو۔ (پوءِ فرمايائون: اي انسانو!) انهن جي زيارت ڪندا ڪريو ۽ انهن کي سلام ڪندا ڪريو! ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! قيامت تائين جيڪو به انهن کي سلام ڪندو، هِي انهن جي سلام جو جواب ڏيندا. ([1])

قبر  ۾ به تلاوت جي سعادت

پيارا اسلامي ڀائرو! حضور خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   جي قرآن ڪريم سان وابستگي ڏسو جو پاڻ پنهنجي مزار پاڪ ۾ آهن، بابا فريد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    هِن دنيا ۾، مزار پاڪ جي ويجهو ويهي تلاوت فرمائي رهيا آهن، خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   مزار شريف جي اندر هوندي، تلاوت ٻڌي به رهيا آهن ۽ سندن اصلاح به فرمائي رهيا آهن.

ڪاش! خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه     جو فيضان اسان کي به نصيب ٿي وڃي، اسان کي به قرآن ڪريم سان اهڙي وابستگي ٿي وڃي جو اٿندي، ويهندي، سمهندي، جاڳندي بس قرآن ئي قرآن جا خيال هجن، اي ڪاش! دنيا ۾ تلاوت ڪندي ڪندي اهڙي پڪي عادت بڻجي وڃي جو قبر ۾ به تلاوت ڪرڻ جي سعادت ملي وڃي.

شوقِ تلاوت جو  قابلِ رشڪ انعام

   حضرت ثابت بُناني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه       تمام نيڪ ۽ پرهيزگار ٻانها هئا، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    هميشه ڏينهن جو روزو رکندا هئا ۽ سڄي رات عبادت ۾


 

 



[1]...  معجم اوسط، جلد:3، صفحہ: 7، حدیث:3700۔