Share this link via
Personality Websites!
پڙهڻ لڳس ته مزار پُرانوار مان آواز آيو: هي حرف ڇڏي ويا آهيو، ٻيهر پڙهو! مون ان جاءِ کان ٻيهر پڙهيو، هاڻي آواز آيو: بهترين پڙهي رهيا آهيو، خَلفُ الرَّشِيد (يعني سٺا پٽ) ائين ئي ڪندا آهن۔ بابا فريد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا ته ان کان پوءِ مان تلاوت ڪندو رهيس، جڏهن تلاوت مڪمل ڪري چڪس ته مون روئي روئي دعائون ڪيون، مون کي اِهو خوف ٿي رهيو هو ته افسوس! نه ڄاڻ مان بخشيلن مان آهيان يا نه، ان ڊپ جي سبب مان روئي رهيو هئس ته اوچتو مزار پاڪ مان آواز آيو: مولانا! جيڪو شخص اهڙي طرح نماز پڙهندو آهي، اُهو بخشيلن مان آهي. ([1])
ڇا اهلِ مزار ٻڌندا آهن ۽ جواب به ڏيندا آهن ؟
پيارا اسلامي ڀائرو! ڇا ته شان آهي اسان جي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو...!! يقيناً اولياءِ ڪرام پنهنجي مزارن ۾ زندهه آهن، ۽ مزار تي حاضري ڏيڻ وارن کي ڏسندا به آهن، انهن جو آواز به ٻڌندا آهن، کين سڃاڻيندا به آهن ۽ الله پاڪ جي عطا سان سندن حاجتون به پوريون فرمائيندا آهن. * حديث پاڪ ۾ آهي: مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: جيڪو به پنهنجي اهڙي مسلمان ڀاءُ جي قبر جي ڀرسان گذري جنهن کي دنيا ۾ هُو سڃاڻندو هو ۽ کيس سلام ڪري ته مُردو به ان کي سڃاڻيندو آهي ۽ سندس سلام جو جواب ڏيندو آهي. ([2]) * آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم غزوہءِ احد کان واپسي تي حضرت مصعب بن عمير ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي بيٺا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami