Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

ڀيرا ختمِ قرآن ڪن ۽ اسان عاشقانِ خواجه کان سڄي مهيني (Month) بلڪه پوري سال ۾ هڪ دفعو به قرآنِ ڪريم ختم نه ٿئي؟ اِهو ڪهڙو عشق ۽ ڪهڙي محبت آهي؟ خواجه غريب نواز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    جي نقشِ قدم تي هلندي روزانو تلاوتِ قرآنِ ڪريم جو معمول بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ ان جون برڪتون حاصل ڪريو، گهر ۾ تلاوتِ قرآن ٿيندي رهندي ته رحمتن جو نزول ٿيندو ۽ مصيبتون ۽ تڪليفون (Calamities) دور ٿينديون۔ تلاوتِ قرآن جو شوق حاصل ڪرڻ جي لاءِ 3 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌو ۽ روزانو تلاوتِ قرآن ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو!

تلاوتِ قرآن جي فضيلت

(1): الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: قرآن پڙهندا ڪريو! بيشڪ جيڪا دل قرآن ڪريم جي حافظ هوندي آهي، الله پاڪ ان دل کي عذاب نه ڏيندو آهي. ([1])

(2): حضرت ابو سعيد خدري رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته الله پاڪ جي محبوب نبي، مڪي مدني، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ فرمايو آهي: جيڪو شخص تلاوتِ قرآن ۽ منهنجي ذڪر ۾ مصروف هجڻ جي سبب مون کان گهري نه سگهي ته مان اُن شخص کي گهرڻ وارن کان وڌيڪ عطا فرمائيندو آهيان، وڌيڪ فرمايائون ته جهڙي طرح الله پاڪ پنهنجي سموري مخلوق کان افضل آهي، اهڙي


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:83، حدیث:1340۔