Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

هن سال رمضان شريف ۾ تراويحون مان پڙهائيندس. سلطان کانئس حيرت مان پڇيو: تون ڪڏهن کان حافظ ٿيو آهين؟ خليل خان پنهنجي والد صاحب کي اُهو ئي واقعو ۽ علماءِ ڪرام جي ڪيل گفتگو ياد ڏياري پوءِ چيائين: بس ان ڏينهن کان ئي مون قرآن ڪريم حفظ ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ هاڻي مان حافظ آهيان۔ سلطان محمود پنهنجي سُلڇڻي پٽ کي تراويحون پڙهائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، خليل خان پهرين ئي ڏينهن تراويحن ۾ مڪمل قرآن ڪريم ختم ڪيو، سلطان پويان بيهي ٻڌندو رهيو، ٻئي ڏينهن به پورو قرآن ڪريم ختم ڪيائين، سلطان پويان بيهي ٻڌندو رهيو، پهرين 16 ڏينهن ۾ خليل خان 16 ختم شريف پورا ڪيا، 16هين ڏينهن سلطان محمود پنهنجي ذهين پٽ کي سيني سان لڳايو ۽ کيس پيشانيءَ تي چمي ڏئي چيائين: خليل خان! تنهنجو شڪريو ڪيئن ادا ڪريان جو تون منهنجي لاءِ قيامت جي ڏينهن سج جي گرمي کان بچڻ جو ذريعو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. معلوم ٿيو ته جيڪڏهن انسان محنت ڪري ته قرآن ڪريم حفظ ڪرڻ يا ڪجهه سورتون ياد ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي. بس ذهن ٺاهڻ ۽ همت ڪرڻ جي ڳالهه آهي۔ بس همت ڪريو ۽ الله پاڪ جو نالو وٺي قرآن ڪريم مڪمل يا ڪجهه سورتون ياد ڪرڻ شروع ڪري ڏيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  غيب مان اسباب پيدا ٿي ويندا.

اُٹھ باندھ کمر کیا ڈرتا ہے                                                                                         پِھر دیکھ خُدا کیا کرتا ہے

ٻارن کي حفظ ڪرايو!

اهڙي طرح پنهنجي ٻارن کي به قرآن ڪريم حفظ ڪرايو! الحمدللہ!