Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat
اول۔ 9 (نائين) صدي هجري ۾ گجرات تي ان جي حڪومت هئي، هڪ ڀيري رمضان شريف جي 26 هين رات هئي، سلطان محمود اول علماءِ ڪرام جي خدمت ۾ حاضر هو ۽ تلاوت قرآن جون فضيلتون بيان ٿي رهيون هيون، هڪ عالم صاحب فرمايو: قيامت جي ڏينهن سج ويجهو اچي ويندو، سڀئي ماڻهو پريشانيءَ ۾ مبتلا هوندا پر جيڪو قرآن ڪريم جو حافظ هوندو، اُهو ۽ اُنَ جا والدين رحمت جي نُور جي ڇانوَ ۾ هوندا، انهن تي سج جي گرمي اثر نه ڪندي. اِهي لفظ ٻڌي سلطان محمود هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چيائين: افسوس! منهنجي پُٽَن مان ڪو به حافظِ قرآن نه آهي، تنهنڪري مان اِها سعادت حاصل نه ڪري سگهندس.
انهيءَ مجلس ۾ سلطان محمود جو پٽ خليل خان به موجود هو، عيد کان پوءِ خليل خان ٻي شهر هليو ويو ۽ قرآن ڪريم حفظ ڪرڻ شروع ڪيائين، خليل خان ڏينهن رات محنت ڪندو رهيو، قرآن ڪريم جي خوب تلاوت ڪيائين، خوب محنت سان قرآن ڪريم حفظ ڪندو رهيو، ايسيتائين جو سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، ڊاڪٽرن چيو ته رات جو جاڳڻ ۽ تلاوت جي ڪثرت سبب اکين ۾ ڳاڙهاڻ اچي وئي آهي، تنهنڪري ڪجهه ڏينهن آرام فرمايو۔ خليل خان تڙپي چيو: اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون آهن ته ڇا ٿي پيو، ان شاء الله الكریم! هيءَ ڳاڙهاڻ دنيا ۽ آخرت ۾ سُرخُروئي (يعني ڪاميابي) ڏياريندي، مان پنهنجي پڙهائي ۾ گهٽتائي نه ٿو ڪري سگهان. آخرڪار هڪ سال تائين ڏينهن رات محنت ڪرڻ کان پوءِ خليل خان حافظِ قرآن بڻجي ويو ۽ سال کان پوءِ پنهنجي والد سلطان محمود وٽ پهتو ۽ عرض ڪيائين ته