Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

جي لاءِ جيڪي ان جي تلاوت ڪنديون۔[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحَمۡدُلله! قرآن ڪريم ياد ڪرڻ تمام اعليٰ نيڪي آهي. ڪوشش ڪيو! پاڻ قرآن ڪريم حفظ ڪري وٺو، روزانو ٻه ٻه، چار چار آيتون ياد ڪندا رهو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪڏهن ته مڪمل ياد ڪري ئي وٺندؤ * جيڪڏهن اِهو نه ڪري سگهو ته ڪجهه سورتون ئي ياد ڪري وٺو۔

پاڻ سوچيو ته ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو اسان مسلمان آهيون، سالن کان نماز پڙهي رهيا آهيون پر افسوس! اسان کي نماز ۾ پڙهڻ جي لاءِ صرف سورت اخلاص ئي ياد آهي. وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ * آخري 10 سورتون ئي ياد ڪري وٺو! * سورت ملڪ * سورت يٰسين * سورت رحمٰن ياد ڪري وٺو! جيترو ياد ڪندؤ، اوترو ئي فائدو آهي۔ حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن سيني ۾ ڪجهه به قرآن نه هجي، اهو  ويران گهر جهڙو آهي.[2] يعني جهڙي طرح گهر جي زينت ان ۾ رهڻ وارن سان آهي، ايئن ئي دل جي زينت قرآن ڪريم آهي، جنهن دل ۾ قرآن ئي نه هجي، اها بلڪل ويران آهي.

تلاوت جو  شوق رکڻ وارو  شهزادو

دل ۾ خيال اچي رهيو هوندو، هاڻي ته وڏا ٿي ويا آهيون، هاڻي اسان ڪيئن حفظ ڪري سگهون ٿا۔ ڏسو! جذبو رهنمائي ڪندو آهي۔ ماڻهو محنت ڪري ته سڀ ڪجھ ڪري سگهي ٿو. هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌو! گجرات جو هڪ مشهور بادشاهه ٿي گذريو آهي، سلطان محمود


 

 



[1] بخاری، کتاب فضائل القرآن، باب خیرکم من تعلم القرآن و علمہ، صفحہ:1299، حدیث:5027۔

[2] ترمذی، کتاب فضائل القرآن، صفحہ:677، حدیث:2713۔