Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat
قرآن ڪريم حِفظ ڪرڻ جون فضيلتون
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا ته قرآن حفظ ڪرڻ (يعني مڪمل قرآن زباني ياد ڪرڻ) فرضِ ڪفايه، سنتِ صحابه، سنتِ تابعين، سنتِ علماءِ دين، افضل ترين، مُسۡتَحب ۽ بهترين نيڪي آهي. ان جون ايتريون ته فضيلتون آهن جو ڳڻپ کان ٻاهر آهن.[1] * رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: قيامت جي ڏينهن صاحبِ قرآن ايندو، قرآن ڪريم چوندو: اي مالڪ ڪريم! هن کي لباس عطا فرماءِ، لهٰذا صاحبِ قرآن کي ڪرامت جو تاج عطا ڪيو ويندو، قرآن ڪريم عرض ڪندو: مولا! اڃان وڌيڪ انعام عطا فرماءِ، پوءِ صاحبِ قرآن کي بزرگي جو لباس پارايو ويندو، قرآن ڪريم عرض ڪندو: اي رب رحمٰن! هن کان راضي ٿي وڃ، الله پاڪ ان ٻانهي سان راضي ٿي ويندو،[2] پوءِ ان کي حڪم ڪيو ويندو ته پڙهندو وڃ، چڙهندو وڃ۔ تنهنجو مقام ان آخري آيت جي ويجهو آهي، جيڪا تون پڙهندين.[3] يعني هر آيت تي ان کي هڪ درجو بلندي عطا ڪئي ويندي * بخاري شريف جي روايت آهي، محبوب ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: توهان مان بهتر اهو آهي جيڪو قرآن سکي ۽ ٻين کي سيکاري.[4] * دارمي شريف ۾ حديث آهي، فرمايائون: جڏهن ملائڪن قرآن ٻڌو ته چيائون: خوشخبري آهي ان اُمت جي لاءِ جنهن تي قرآن نازل ٿيو، خوشي آهي انهن سينن جي لاءِ جيڪي ان کي ياد ڪندا ۽ خوشي آهي انهن زبانن