Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

بار بار سورت  فاتحه پڙهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                                               صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

خواجه حُضُور جي قرآن سان محبت

پيارا اسلامي ڀائرو! خواجه خواجگان، حضور خواجه معين الدين چشتي اجميري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه   جي بيشمار اوصاف مان هڪ اهم ترين وصف هي آهي ته پاڻ قرآن ڪريم سان بيحد محبت رکندا هئا. سندن عمر 15 سال هئي، جڏهن والد محترم جو سايو سِرَ تان هٽي ويو، وراثت ۾ کيس هڪ باغ (Garden) ۽ هڪ چَڪِي (Mill) ملي، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه     باغ ۽ چِڪي وڪرو ڪري ڇڏيا ۽ باقي جيڪو ساز و سامان هو، اهو به سمورو وِڪڻي، ان جي قيمت فقيرن ۽ مسڪينن تي صدقو ڪري، سمرقند (Shamarkand) وڃي قرآن ڪريم حفظ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا. ([1]) مڪمل قرآن ڪريم حفظ ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ان وقت جا رائج عُلومَ (Common Sciences) سکيائون، جن ۾ علمِ تفسير به شامل آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي قرآن ڪريم سان ڪيڏي محبت هئي، پاڻ پنهنجو گهرٻار ڇڏيائون، مال ۽ دولت ڇڏيائون، پورو باغ صدقو ڪري ڇڏيائون ۽ ڪهڙي ڪم ۾ مشغول ٿي ويا؟ قرآن ڪريم حفظ ڪرڻ ۽ ان جي تفسير پڙهڻ ۾.

سُبْحٰن اللہ! ڪاش! خواجه حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه      جي صدقي اسان کي به قرآن ڪريم جي محبت نصيب ٿي وڃي ۽ اسان کي به قرآن ڪريم حفظ ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي وڃي. 


 

 



[1]...اِقْتباسُ الْاَنْوَار،صفحہ:347 ملتقطًا۔