Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

Book Name:Khuwaja Huzoor Ki Quran Se Muhabbat

عرش جي هيٺان واري هڪ خزاني مان نازل ڪئي وئي.([1])

سورت فاتحه شِفا آهي

 الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ہِیَ اُمُّ الْکِتَابِ وَہِیَ شِفَاءٌ مِّنْ کُلِّ دَاءٍ يعني سورت فاتحه اُمُّ الڪتاب (قرآن مجيد جي اصل) آهي ۽ ان ۾ هر بيماريءَ جي لاءِ شفا آهي. ([2]) 

سورة فاتحه ۾ هر مسئلي جو  حل آهي

اي عاشقان رسول! سورت فاتحه هر مسئلي جو حل آهي۔ حضرت عطاء رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه      فرمائن ٿا ته جنهن کي ڪا حاجت هجي ته اُهو سورت فاتحه جي تلاوت ڪري، ان جي برڪت سان سندس حاجت پوري ٿي ويندي. ([3]) علماء ڪرام فرمائن ٿا ته 100 دفعا سورت فاتحه پڙهي جيڪا به دعا ڪئي وڃي، اُها قبول ٿيندي آهي.[4]

سُبْحٰن اللہ! ڪيڏو آسان حل آهي...! ڪا به مشڪل هجي، پريشاني هجي، تنگدستي هجي، ڪا حاجت درپيش هجي، سورت فاتحه پڙهي، دعا گهرو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  الله پاڪ ڪرم فرمائيندو ۽ مشڪل، پريشاني ۽ تنگدستي دور ٿي ويندي.

 الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان قرآن پاڪ جي تلاوت بالخصوص


 

 



[1]... تفسیر در منثور، پارہ:1، سورۂ فاتحہ، جلد:1، صفحہ:16۔

[2]... تفسیر در منثور، پارہ:1، سورۂ فاتحہ، جلد:1، صفحہ:15۔

[3]...تفسیر در منثور، پارہ:1، سورۂ فاتحہ، جلد:1، صفحہ:17۔

[4]جنتی زیور، صفحہ:587۔