Farishton Ki Duain Lijiye

Book Name:Farishton Ki Duain Lijiye

جي دُعا ڪرڻ منع آهي. حضرت عِرباض رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ ته الله جي ديدار جي شوق ۾ دُعا ڪري رھيا ھئا، حضرت زَنائِيل (Zn'il) عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان لاءِ به محتاط الفاظ سيکاريا ته هينئن دعا گهرو!

اَللّٰهُمَّ ‌حَسِّنِ ‌الْعَمَلَ ‌وَبَلِّغِ ‌الْاَجَلَ

ترجمو: يعني اي الله پاڪ! مون کي نيڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ نيڪ ڪم ڪندي ڪندي موت جي مقرر ڪيل وقت  تائين پھچاءِ.

تنھنڪري الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضري جو شوق ضرور رکو، پر ان جي لاءِ دُعا ڪرڻي هجي ته ھنن ئي لفظن سان ڪريو. نيڪ عمل ڪرڻ جي توفيق به گهرو  ۽ هي به گهرو ته اي الله پاڪ مون کي آخري وقت تائين نيڪ ڪم ڪندو رهڻ جي توفيق عطا فرماءِ.

مسلمانن جا پھريان خليفا حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ هن طرح دُعا گهرندا ھئا:

اَللّٰهُمَّ اجْعَلْ خَيْرَ عُمْرِي آخِرَهُ وَخَيْرَ عَمَلِيْ خَوَاتِمَهُ وَخَيْرَ اَيَّامِيْ يَوْمَ اَلْقَاكَ

ترجمو: اي الله پاڪ منھنجي آخري عمر کي زندگي جو سڀ کان بھترين حصو بڻاءِ، منھنجي آخري عملن کي سڀني کان بھترين عمل بڻاءِ ۽ منھنجي ڏينھن مان سڀني کان بھترين ڏينھن اھو ڏينهن بڻاءِ جنھن ڏينھن تنھنجي بارگاہه ۾ حاضري ٿيندي.[1]

هيءَ تمام خوبصورت دعا آهي اسان کي به گهرجي ته اهڙي طرح دعا گهرندا رهون.


 

 



[1] مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الدعا، ما ذکر عن...الخ، جلد:7، صفحہ:81، حدیث:1۔