Book Name:Farishton Ki Duain Lijiye
روزي کائي رهيا آهيون، ۽ بلال جو رزق جنت ۾ وڌي رهيو آهي. اي بلال! ڇا توهان کي خبر آهي ته جيستائين روزيدار جي سامهون ڪجھ کاڌو وڃي تيستائين اُن جون هڏيون تبسيح ڪنديون آهن، اُن کي ملائڪ دعائون ڏيندا آهن.[1]
مشهُور مُفسّرِ قرآن مفتي احمديارخان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته هن مان معلوم ٿيو ته جيڪڏهن کاڌو کائڻ دوران ڪو اچي وڃي ته ان کي به کائڻ جي لاءِ سڏڻ سنت آهي، پر دِلي ارادي سان سڏي، ڪوڙي تواضُع (يعني صلاح) نه ڪري ۽ اچڻ وارو به ڪوڙ ڳالهائي هيئن نه چوي ته مونکي خواهش ناهي، ته جيئن بک ۽ ڪوڙ گڏجي نه وڃن. بلڪ جيڪڏهن (نه کائڻ چاهي يا) کاڌو گھٽ ڏسي ته چـوي بَارَكَ اللهُ (يعـني الله پاڪ تو کي برڪت ڏي) هي به معلوم ٿيو ته سروَرِ ڪائنات، شاھِ موجودات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پنهنجون عبادتون نه لڪائڻ گھرجن، بلڪ ظاهر ڪيون وڃن ته جيئن حضور پُرنُور، شافعِ يومُ النُّشُور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان تي گواھ بڻجي وڃن، ۽ اهو ظاهر ڪرڻ رياء ناهي. (حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي روزي جو ٻڌي ڪري جيڪو ڪجھ فرمايو ويو ان جي شرح هي آهي) ته يعني اڄ جي روزِي اسان ته پنهنجي هتي ئي کائي وٺون ٿا.
حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ان جي عِوَض جنّت ۾ کائيندا، اهو عوض (يعني بدلو) بهتر به هوندو ۽ زياده به، حديث بلڪل پنهنجي ظاهري معنيٰ تي آهي، واقعي ان وقت روزيدار جي هر هڏي ۽ جوڙ بلڪ رڳ رڳ تَسۡبِيح (يعني الله پاڪ جي پاڪي بيان) ڪندي آهي جنهن جو روزيدار کي پتو ئي ناهي هوندو، پر سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌندا آهن. (مراٰة ج 3 ص 202)
مطالعو ڪيو هجي تڏهن به ٻئي رسالا (1) ڪـفـن جـي واپسـي ۽ رجب جون بهارون ۽ (2) آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مهينو پڙهي ڇڏيو، ۽ پڻ هر سال شعبان المُعَظّم ۾ فيضان سنّت جو باب فـيـضـانِ رمـضـان ضرور پـڙهي ڇـڏيـنـدا ڪريو. ٿي سگهي ته عيدِ مِعراجُ النبيصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نسبت سان 127 يا 27 رسالا يا حسبِ توفيق فيضانِ رمضان به تقسيم فرمايو ۽ خوب خوب ثواب ڪمايو. تمام اسلامي ڀائرن سان بالعُمُوم ۽ جامعات المدينہ ۽ مدارس المدينہ جي جمله قاري صاحبان، استادن، ناظمن ۽ طالبن جي خدمت ۾ بالخصوص تڙپندڙ مدني عرض آهي ته براءِ ڪرم! (منهنجي جيئري ۽ مرڻ کان بعد به) زڪوٰة، فطرو، قرباني جون کلون ۽ ٻيا مدني عطيات جمع ڪرڻ ۾ اڳتي وڌي ڪري حصو وٺندا ڪيو. (اسلامي ڀينرون ٻين اسلامي ڀينرن ۽ مَحارِم کي ترغيب ڏيارين)
خدا جو قسم! مون کي انهن استادن ۽ شاگردن جي باري ۾ ٻڌي ڪري تمام گھڻي خوشي ٿيندي آهي جيڪي پنهنجي ڳوٺ يا شهر ۾ وڃڻ جي خواهش کي قربان ڪري رمضان المبارڪ جو مهينو جامعات ۾ گذاريندا آهن ۽ پنهنجي مَجلس جي هدايتن جي مطابق چندي جي بستن تي ذميداريون سنڀاليندا آهن. جيڪي استاد ۽ شاگرد بغير ڪنهن عذر جي صرف سُستي يا غفلت جي سبب عدمِ دلچسپي جو مظاهرو ڪندا آهن انهن جي سبب کان منهنجي