Book Name:Farishton Ki Duain Lijiye
مذاڪرا مدني چينل تي سڌو سنئون ڏيکاريا ويندا آهن.
اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اميراهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پهرين رجب شريف کان وٺي ڇهين رجب شريف تائين عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچيءَ مان سڌو سنئون مدني مذاڪرا فرمائيندا. جن اسلامي ڀائرن کان ممڪن هجي، اُهي فيضانِ مدينه تشريف آڻين، مدني مذاڪرن ۾ شرڪت ڪن يا وري پنهنجن علائقن ۾ ٿيندڙ اجتماعي مدني مذاڪرن ۾، يا وري پنهنجي گهرن ۾ ئي مدني چينل ذريعي مدني مذاڪرن ۾ شرڪت فرمائين.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي گذارڻ جا ڪجھ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ (يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو). ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: جنهن جو ڪو ڀاءُ هجي ان کي گهرجي ته پنهنجي ڀاءُ سان معانقو ڪري. ([2])