Book Name:Farishton Ki Duain Lijiye
پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو ته ھي ڪيڏا سولا ۽ آسان ڪم آهن ۽ فضيلت ڪهڙي آهي؟ جيڪو شخص ھي آسان نيڪيون ڪندو آهي، فرشتا ان جي لاءِ مغفرت، بخشش ۽ رحمت جون دُعائون ڪندا آهن. اللہ پاڪ اسان کي اِهي نيڪ ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، ڪاش! اسان فرشتَن جون دُعائون وٺڻ وارا بڻجي وڃون.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدرسـة المدينه بالغان
پيارا اسلامي ڀائرو! گناہن کان نفرت ڪرڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ به خوب زور شور سان حصو وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي سنورجي ويندي. الله پاڪ چاهيو ته دنيا کان بي رغبتي به نصيب ٿيندي ۽ اخلاق ۽ ڪردار به بهتر ٿي ويندا. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدرسـةُ المدينه بالغان به آهي، جنھن ۾ درست تجويد سان قرآن پاڪ پڙھڻ سيکاريو ويندو آهي.
حديث پاڪ ۾ آهي: توھان مان بھتر اُهو آهي جيڪو قرآن سِکي ۽ سيکاري. ([1]) * قرآن ڪريم الله پاڪ جو ڪتاب آهي * انسانن جي لاءِ رب ڪريم جو پيغام آهي * پر افسوس اڄڪلهه مسلمان قرآن ڪريم کان پري ٿيندا پيا وڃن * ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏسي به قرآن پاڪ پڙهڻ نه ايندو آهي * ۽ جن کي پڙهڻ ايندو آهي اُهي به تجويد ۽