Farishton Ki Duain Lijiye

Book Name:Farishton Ki Duain Lijiye

 

اللہُ اَکْبَر! اندازو ته لڳايو ھڪ مسلمان جو ڪيڏو نه بلند شان آهي! ٻانهو بيمار ٿيو ته اللہ پاڪ فرمايو: اي ابن آدم! تون منھنجي عيادت ڇو نه ڪئي ...!! واھ  واہه! سُبْحٰنَ اللہ! ھن مان معلوم ٿيو ته ڪو امير ھجي يا غريب، سيٺ ھجي يا نوڪر، جيڪو مسلمان آهي ان جو اللہ پاڪ وٽ وڏو مقام آهي، تنھنڪري اسان کي گھرجي ته سندس عيادت لاءِ وڃون ۽ ثواب ڪمايون.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پَرَ پُٺِ  دعائون ڪرڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! فرشتن جي دُعائن جو حقدار بڻجڻ جو ھڪ آسان طريقو ھي به آهي ته اسان پنھنجي مسلمان ڀائرن جي لاءِ دُعا ڪندا رھون. حديث پاڪ ۾ آهي: ٻانهي جي پنھنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ پَرَ پُٺِ ڪيل دُعا مقبول آهي. (جڏھن ٻانهو پنھنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ ان جي پرپٺ دُعا ڪندو آهي) ان جي مٿان هڪ فرشتو مقرر هوندو آهي، جڏهن به هُو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ دعا ڪندو آهي ته فرشتو  چوندو آهي: آمِيْنَ وَلَكَ بِمِثْلٍ يعني اللہ تنھنجي دُعا قبول ڪري ۽ جيڪو تو پنھنجي ڀاءُ جي لاءِ گھريو آهي الله پاڪ تو کي به اهو ئي عطا فرمائي.[1]

360 دوستن جي لاءِ دعا

روايت آهي ته حضرت ابودرداء رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ (جيڪي صحابيءِ رسول آهن) سندن 360 دوست ھئا، سندن عادتِ ڪريمه ھئي ته نماز کان


 

 



[1]   ابن ماجہ، کتاب المناسک، باب فضل دعاء الحاج، صفحہ:470، حدیث:2895۔