Book Name:Farishton Ki Duain Lijiye
پئي ته سيٺ صاحب ان جي عيادت ڪرڻ ۾ شرم محسوس ڪندا آهن، ملازم بيمار ٿي پئي ته مالڪ سندس عيادت لاءِ وڃڻ ۾ پنھنجي بي عزتي سمجهندا آهن، اهڙي طرح امير ۽ غريب جو به فرق ڪيو ويندو آهي. اِھا تمام غلط ڳالھ آهي.
ہر ایک چیز سے پیدا خُدا کی قدرت ہے کوئی بڑا کوئی چھوٹا یہ اس کی حکمت ہے
اسان اهو نه ٿا ڄاڻون ته اللہ پاڪ وٽ ڪير عزت وارو آهي ۽ ڪير مقبول آهي. ٿي سگھي ٿو ته دولت ۾ غريب ايمان ۾ نهايت امير هجي، ٿي سگھي ٿو ته اسان جو ملازم رب ڪريم وٽ وڏي مقام وارو هجي، تنھنڪري ڪو ننڍو هجي يا وڏو، امير هجي يا غريب، دوست هجي يا اجنبي، جيڪڏھن هُو بيمار ٿي پئي ته اسان کي سندس عيادت ڪري ثواب ڪمائڻ گھرجي. مسلم شريف جي حديث پاڪ آهي، اللہ پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اللہ پاڪ قيامت جي ڏينھن ارشاد فرمائيندو: اي ابن آدم! مان بيمار ھئس، تون منھنجي عيادت ڇو نه ڪئي؟ ٻانهو عرض ڪندو: اي منھنجا رب ڪريم! تون ته رَبُّ الْعٰلَمِین آهين، (تون هر عيب کان پاڪ آهين، بيمار ٿيڻ تنھنجي شان جي لائق نه آهي، اي رب ڪريم جڏھن تون بيمار ٿيڻ کان ئي پاڪ آهين) ته مان تنھنجي عيادت ڪيئن ڪريان ها؟ اللہ پاڪ فرمائيندو: ڇا توکي خبر نه ھئي ته منھنجو فلاڻو ٻانهو بيمار ٿيو هو ۽ تون سندس عيادت نه ڪئي هئي؟ جيڪڏھن تون سندس عيادت ڪرين ھا ته اُتي ضرور منھنجي رضامندي حاصل ڪرين ھا. ([1])