Book Name:Farishton Ki Duain Lijiye
ويندو آهي، اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت عِرۡباض بن سَارِيه رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ رسول اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا صحابي آهن. امام ابۡنِ ابي دُنيا رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه روايت ڪن ٿا ته حضرت عِرْباض رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کي الله پاڪ سان ملاقات جو تمام گهڻو شوق هو. پاڻ پيرسن ٿي چڪا هئا. ھڪ ڏينھن پاڻ دمشق جي جامع مسجد ۾ ھئا، نماز پڙھيائون ۽ پوءِ هن طرح دُعا گهرڻ لڳا: ”اي الله پاڪ! ھاڻي ته مان پوڙهو ٿي چڪو آھيان، ھاڻي ته پنھنجي پاڪ بارگاہه ۾ حاضريءَ جو شرف عطا فرماءِ.“
فرمائن ٿا ته ان ئي وقت مون کي ھڪ نوجوان نظر آيو جيڪو تمام حسين ۽ خوبصورت ھو، سائي چادر ويڙھي مون وٽ آيو ۽ مون کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو: ”حضرت …! ھي اوھان ڪھڙي دُعا گهري رھيا آھيو؟“ مون وراڻيو: ”ته پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته ڪيئن دُعا گهران؟“ چيائين: ھينئن چئو!
اَللّٰهُمَّ حَسِّنِ الْعَمَلَ وَبَلِّغِ الْاَجَلَ
ترجمو: يعني اي الله پاڪ! مون کي نيڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ نيڪ ڪم ڪندي ڪندي موت جي مقرر ڪيل وقت