Farishton Ki Duain Lijiye

Book Name:Farishton Ki Duain Lijiye

 

 

ملائڪ مغفرت جي دعا ڪندا  آهن

مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ، شيرِ خدا   رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته ٻنھي جھانن جي مالڪ ۽ مختيار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏھن هڪ مسلمان پنھنجي ٻئي مسلمان ڀاءُ جي عيادت ڪندو آهي تڏھن اُهو مريض وٽ ويٺو رهڻ تائين جنت جي باغ (Grden) ۾ سير ڪندو رهندو آهي، جڏھن هُو ويھندو آهي تہ رحمت کيس ڍَڪي ڇڏيندي آهي. جيڪڏھن ڪو صبح جو عيادت ڪندو آهي ته شام تائين 70 ھزار فرشتا ان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا رھندا آهن ۽ جيڪڏھن ڪو شام جو عيادت ڪندو آهي ته صبح تائين 70 ھزار فرشتا ان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندا رھندا آهن. ([1]) 

سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو نه شان آهي ...!! 70 ھزار فرشتا صبح کان شام تائين ۽ شام کان صبح تائين ٻانهي جي لاءِ دُعائون ڪندا رھندا آهن. ڪرڻو ڇا آهي؟ فقط مريض جي عيادت ڪرڻي آهي.

عيادت ڪندا ڪريو

پيارا اسلامي ڀائرو! ھي تمام وڏي فضيلت وارو ڪم آهي. اسان جو ڪو مسلمان ڀاءُ جيڪڏهن بيمار ٿي پئي، يا کيس ڪو ڌَڪُ وغيره لڳي،  ساڻس ڪو حادثو ٿي وڃي يا کيس ڪو طِبي مسئلو دَرپيش هجي، اسان کي گھرجي ته پنھنجي مسلمان ڀاءُ جي عيادت ڪريون، ان وٽِ وڃون، ان سان مِلون، سندس حال احوال پڇون، کيس تسلي ڏيون، جيڪڏھن ان کي ڪنھن شيءِ جي ضرورت هجي ۽ اسان مدد


 

 



[1]...ابنِ ماجہ،کتاب الجنائز،باب ما جاء فی ثواب من عاد مریضا،صفحہ:234 ،حدیث:1442۔