Farishton Ki Duain Lijiye

Book Name:Farishton Ki Duain Lijiye

طريقا ٻُڌو! مُسلِم شريف جي حديث پاڪ آهي، حضرت ابوہريرہ     رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ  روايت ڪن ٿا ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان          صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ جڏھن ٻانهو پنھنجي نماز واري جاءِ تي ويٺو رھندو آهي جتي ھن نماز پڙھي آھي، تيستائين جيستائين سندس وضو نه ٽٽي، ملائڪ مٿس درود موڪليندا رھندا آھن."  ملائڪ چوندا آهن: اَللّٰهُمَّ ‌اغْفِرْ ‌لَهُ، اَللّٰهُمَّ ارْحَمْهُ  اي اللہ پاڪ! هن کي بخشي ڇڏ، اي مالڪِ ڪريم! ھن تي رحم فرماءِ.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! ملائڪن کان رحمت ۽ بخشش جون دُعائون حاصل ڪرڻ جو ڪيڏو نه آسان نسخو آهي. اسان جتي به نماز پڙھون، مسجد ۾ پڙھون يا گھر ۾ پڙهون، جڏھن به جتي به نماز پڙھون، ٿوري دير لاءِ اتي ئي ويٺا رھون! ويٺي ويٺي تسبيح فاطمه پڙھي وٺون، آية الڪرسي پڙھي وٺون، قُل شريف پڙھي وٺون، درود پاڪ پڙھي وٺون، يا خاموش ئي ويٺا رھون، جيستائين اتي ويٺا هونداسين، ملائڪ اسان جي لاءِ بخشش ۽ رحمت جون دُعائون ڪندا رھندا.

 خيال رھي ته فرض نماز باجماعت پڙھڻ ئي واجب آھي، پر جيڪڏھن ڪنھن شرعي مجبوريءَ سبب فرض نماز گھر ۾ پڙھي ۽ مصلّي تي ويٺا رھيا، تڏھن به اِنْ شَآءَ الله ملائڪن جون دعائون ملنديون.[2]


 

 



    [1]  موطا امام مالک، کتاب قصر الصلاۃ فی السفر، باب انتظار الصلاۃ و المشی الیہا، صفحہ:100، حدیث:392۔

[2] التمہید لابن عبد البر، جلد:11، صفحہ:642۔