Book Name:Farishton Ki Duain Lijiye
محبت فرمائيندو آهي.
معلوم ٿيو ته جيڪو ٻانهو ڪثرت سان توبهه ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي پنهنجو محبوب بڻائي ڇڏيندو آهي.
الله اڪبر! ڏسو ڪيڏو نه اعليٰ شان آهي، الله پاڪ جو محبوب يعني پيارو بڻجڻ ڪا آسان ڳالهه ته نه آهي، اِهو ڪو معمولي رتبو ته نه آهي، الله پاڪ سڀني جهانن جو رب آهي، سمورن جهانن جو خالق آهي، جيڪو ان مالڪ ڪريم جو پيارو ٿي وڃي ته پوءِ ان وٽ ٻي ڪهڙي شيءِ جي ڪمي رهندي ...؟ صوفياءِ ڪرام فرمائيندا آهن: مَنْ لَہُ الْمَوْلیٰ فَلَہُ الْکُلّ يعني جيڪو الله پاڪ جو ٿي ويندو آهي سڀ ڪجهه ان جو ٿي ويندو آهي. ([1])
خبر پئي ته توبهه اها عظيم نعمت آهي، جو جيڪو ٻانهو توبهه ڪندو آهي اهو الله پاڪ جو محبوب بڻجي ويندو آهي ۽ جيڪو الله پاڪ جو محبوب بڻجي وڃي، ان کي هي رتبو ملي ويندو آهي جو سڀ ڪجهه ان جو ٿي ويندو آهي، نه ان کي دنيا ۾ ڪا ڪمي رهندي آهي ۽ نه ئي آخرت جو ڪو خطرو رهندو آهي.
مَت گُناہوں پہ ہو بھائی بے بَاک تُو بُھول مَت یہ حقیقت کہ ہے خَاک تُو
تَھام لے دَامَنِ شاہِ لَوْلَاک تُو سچّی تَوبہ سے ہو جائے گا پاک تُو([2])
توبهه ڪرڻ وارو تمام وڏي رتبي وارو هوندو آهي * جيڪو توبهه